SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Salus Populi Suprema lex

(click word to listen sound
  • 🔊
  • salus
  • populi
  • suprema
  • lex
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Salus Populi Suprema lex

سالوس پاپولي سپريما ليڪس

عوامي ڀلائيءَ لاءِ کڄندڙ اُپاءَ

هي اصل ۾ لاطيني ٻوليءَ جو هڪ اصطلاح آهي، جيڪو عوام لاءِ هڪ قانون طور سُڃاتو وڃي ٿو. هن قانون موجب هر ملڪ جي حڪومت کي فطري اجازت آهي ته اُها پنهنجي عوام جي صحت، سيڪيورٽي ۽ ملڪي سرحدن جي بچاءَ خاطر هر ممڪن اُپاءَ ۽ ڪوشش وٺي. ان ڏس ۾ جيڪڏهن ضرورت پوي ته ڏوهارين کي سزائون ڏيڻ سميت ملڪي مفادن کي سامهون رکندي ڪڙا ۽ سخت فيصلا به ڪري. هن اصطلاح جي پسمنظر ۾ ٿيل ڪافي مثال اڄ به اسان جي سامهون موجود آهن. ويجهڙائيءَ ۾ سوائن فلو (هڪ وچڙندڙ بيماري) جي ڦهلجڻ وقت ڏکڻ آمريڪا سان لاڳاپيل مُسافرن لاءِ ڪيترن ئي ملڪن جي هوائي اڏن تي ڪافي مسئلا پئدا ٿيا، ڇاڪاڻ ته سوائن فلو جو وائرس دراصل ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ برازيل ۾ سڀ کان پهريان مليو، اُتان جي عوام جي پاڙيسري مُلڪن ڏانهن سفر ۽ بعد ۾ دُنيا جي ملڪن ۾ اچ وڃ جي ڪري اهو تيزيءَ سان پکڙجڻ لڳو. ان صورتحال کي ذهن ۾ رکندي ڪيترن مُلڪن ڏکڻ آمريڪا جي شهرين کي پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ کان منع ڪري ڇڏيو يا قانون سخت ڪري ڇڏيا. ڪجهه ملڪن ته برازيل ۽ ٻين ڏکڻ آمريڪا جي حُڪومتن کي پابند ڪيو ته اُهي پنهنجن هوائي اڏن تي سندن مُلڪن سان لاڳاپيل شهرين جي سفر کان اڳ رت جي باقائده چڪاس ڪرائڻ، اهڙي تقاضا ڪندڙ ملڪن پنهنجن شرطن تي عمل درآمد کان پوءِ ڏکڻ آمريڪي مُلڪن جي مسافرن کي پنهنجي ملڪي حدن ۾ اچڻ جي اجازت ڏني


Remember Me Also:

ادائگي

ث. بجا آوري ، پورائي ، سرانجامي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal